راڌڻ ۽ ڀرپاسي ۾ چورين ۽ ڦرن جي وارداتن ۾ تيزي سان واڌارو اچي ويو‚ متاثرين طرفان ريلوي ڦاٽڪ وٽ ٽائرن کي باھيون ڏئي ڪري پوليس خلاف نعريبازي ڪئي

احتجاجي مظاھري جي اڳواڻي ڪندڙ لياقت جانوري چيو ته گذريل ھڪ ڏينھن ۾ چار ۽ ھڪ  چوري ۽ ڦرن جون وارادتون ٿي چڪيون آھي جن ۾ چار موٽر سائيڪلون‚ موبائيل فونون ۽ روڪ رقم شامل آھن جڏھن ته گذريل ھفتي ۾ پندرنھن کان مٿي وارداتون ٿي چڪيون آھن‚ پر پوليس ڪک ڀڃي به ٻيڻو نه ڪيو آھي ھن دانھيو ته فورن پوليس کي تحرڪ وٺي منھنجي گھر مان نڪتل مينھن ۽ ٻين کان ڦر ڪيل موٽر سائيڪلون ۽ موبائيل فونون واپس ڪرائي امن امان بحال ڪيو وڃي  

ھوڏانھن راڌڻ پوليس جي حد سنڌي ٻٽڙا -باليشاه روڊ تان پنج نامعلوم  ڦورن هٿيارن جي زور تي نويد سولنگي ۽ صاحب سولنگي کان موٽر سائيڪلون‚ روڪ رقم ٻيو قيمتي سامان ڦر ڪري فرار ٿي ويا جڏھن ته 

راڌڻ جي ريلوي ڦاٽڪ محلي مان لياقت جانوري ولد رجب جانوري جي ڀلي نسل جي ميھن چور چوري ڪري آساني سان فرار ٿي ويا ڀاڳي طرفان کوجي ڪتن جي مدد سان پيرا کڻي ڳوٺ واڍا موري وٽ پھتا جتان اڳتي پيرا ظاھر ئي نه ٿي سگھيا ھوڏانھن راڌڻ ميھڙ روڊ تان تعلقه ايجوڪيشن آفيسر پرائمري ميھڙ  ضمير علي ڳورڙ کان ٿرڙي محبت ٿاڻي جي حد   ٻٽ سرائي وٽان موٽر سائيڪل  موبائيل فون ۽  ٻيو سامان نامعلوم ڦورو ڦر ڪري فرار ٿي ويا ٻئي طرف

راڌڻ لڳ ڳوٺ چاند ماڙي واسي صدام، دلشاد ۽ عرفان کان رات 9 وڳي ڳوٺ چانڊ ماڙي کان راڌڻ طرف ايندي هٿيار بندن موٽر سائيڪل روڪ رقم ۽ موبائيل فونون ڦر ڪري فرار ٿي ويا جڏھن ته راڌڻ ميهڙ روڊ تي راڌڻ شاخ وٽان نا معلوم ڦورون رات غفور واڍي کان موٽرسائيڪل ڦر ڪري فرار ٿي ويا ذريعن موجب ٿاڻن تي پوليس نفري گھٽ ھجڻ‚ وي آء پي پروٽوڪول‚ ڪورٽ‚ سفارش يا ويزا تي ڇڏڻ پوليس جي ٿاڻن تي کوٽ ھجڻ جا اھم ڪارڻ آھن