ناديه دايو چيو ته مون کي ڪنھن اغوا نه ڪيو آھي نه ئي ڪنھن ورغلايو آھي‚ مون پنھنجي رضا خوشي سان شادي ڪئي آھي

راڌڻ واسي طارق جانوري حيدرآباد جي سيشن ڪورٽ ۾ لاڙڪاڻو واسي ناديه دايو سان پيار جو پرڻو ڪري ڇڏيو‚

راڌڻ( نمائندو) راڌڻ واسي طارق جانوري حيدرآباد جي سيشن ڪورٽ ۾ لاڙڪاڻو واسي ناديه دايو سان پيار جو پرڻو ڪري ڇڏيو‚ منھنجي مٽن مائٽن ۽ گھر وارن مان مون کي جان جو خطرو آھي ـ

 پيار جو پرڻو ڪندڙ جوڙو پريس ڪلب راڌڻ پھچي ڪري دانھيو آھي ته اسان حيدرآباد جي سيشن ڪورٽ مان پرڻو ڪري نڪاح ڪيو آھي‚ ناديه دايو چيو ته مون کي ڪنھن اغوا نه ڪيو آھي نه ئي ڪنھن ورغلايو آھي‚ مون پنھنجي رضا خوشي سان شادي ڪئي آھي‚

  منھنجا گھروارا منھنجي شادي بعد منھنجي مڙس طارق جانوري ۽ سندس گھر وارن ۽ عزيزن کي تنگ ڪري ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائي رھيا آھن‚ اسان جي زندگي کي خطرو آھي اسان کي تحفظ ڏنو وڃي‚ طارق جانوري دانھيو ته منھنجي مامي عبدالطيف کي رحمت پور پوليس ڪوڙو ڪيس داخل ڪري گرفتار ڪيو آھي اسان ڇوڪري کي اغوا نه ڪيو ھن رضا خوشي سان نڪاح ڪيو آھي