ڪراڇيء ۾ داداگيري ۽ دهشتگرديء جي نئين تاريخ رقم ڪندڙ 12 مئي 2007 واري واقعي تي ايم ڪيو ايم اڳواڻ خالد مقبول صديقي پنهنجي ذميواري قبول ڪندي معافي ورتي آهي  ۽ گڏوگڏ اهو به چيو آهي ته ان ڏينهن تي کين استعمال ڪيو ويو هيو. 

محمد خان ابڑو

توڙي جو ان وقت پرويز مشرف پاران مقرر ڪيل سنڌ جي وڏي وزير ارباب رحيم جيڪو سندن اتحادي به ان به ان واقعي جو ذميوار ايم ڪيو ايم کي قرار ڏنو هيو ۽ ان وقت جي ميڊيا تي لائيو هلندڙمنظر اڄ به سوشل ميڊيا تي موجود آهن جن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته ايم ڪيو ايم جا جهنڊا کڻي هلندڙ ڪارڪنن جي روپ ۾ سندن دهشتگرد سر عام گوليون هلائي معصوم شهرين جو قتل عام ڪري رهيا آهن. 12 مئي تي ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايمي غنڊن پاران وسايل گولين جي برسات ۾ وڪيلن، سياسي ڪارڪنن ۽ عام شهرين سميت هڪ ئي ڏينهن ۾ نه فقط 60 کان مٿي ماڻهو موت جو کاڄ بڻجي ويا هئا پر ڏيڍ سئو کان مٿي ماڻهو زخمي ٿي هميشه لاء اپاهج پڻ بڻجي ويا. 

12 مئي واري ڏينهن کي سنڌ جي تاريخ ۾ هڪ ڪاري ڏينهن طور ياد ڪيو ويندو آهي ڇاڪاڻ ته ان ڏينهن ۾ حق جو آواز بلند ڪندڙ وڪيلن کي گوليون هڻي قتل ڪرڻ سان گڏ عام شهرين کي به بي گناھ ماريو ويو. 

ياد رهي ته ان دور ۾ وڪيلن جي تحريڪ پنهنجي عروج تي هئي، اڄ کان پندرهن سال اڳ سال 2007 جي 12 مئي واري ڏينهن تي غير فعال چيف جسٽس چوهدري افتخار محمود ڪراچي بار کي خطاب ڪرڻ لاء ڪراچي اچي رهيو هئو ته ايم ڪيو ايم جي دهشتگرد قائد پنهنجي غنڊن هٿان سندس رستا روڪ جو اعلان ڪري ڪراچي شهر کي  سرعام جنگ جو ميدان بڻائي ڇڏيو. غير فعال چيف جسٽس جي آمد تي پرويز مشرف جون مخالف ڌريون ۽ وڪيل سندس استقبال لاء  ڪراچي جي مختلف هنڌن تي گڏ ٿي استقبال لاء ايئرپورٽ وڃي رهيا هيا ته ايم ڪيو ايم جي غنڊن مٿن گوليون هلائي سموري شهر جي رستن کي رت سان وهنجاري ڇڏيو. اهو ئي نه پر ڪيترين گاڏين توڙي ٻين ملڪيتن کي پڻ باهيون ڏئي ساڙيو ويو. پوليس پاران الڳ الڳ ٿاڻن تي ست ڪيس داخل ڪيا پر پورا پندرهن سال گذري وڃڻ بعد به اصل قاتل گرفتار ٿي نه سگهيا. 

الطاف جي اشاري تي ٿيل رت جي هن راند پٺيان خالد مقبول صديقي، وسيم اختر ۽ ٻين جو ماسٽر مائينڊ طور نالو کڄندو رهيو ۽ هاڻ ايم ڪيو ايم جي اڳواڻ خالد مقبول صديقي پاران تاريخ جي هن تاريڪ واقعي کي معافي جي ٻن لفظن سان مٽائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي.

جيتوڻيڪ بلديه فيڪٽري ۾ جيئرو ساڙي ماريل ساڍا ٽي سئو انسانن وارو سانحو 12 مئي واري واقعي کان به وڏو واقعو آهي جنهن جو پاڪستان جي پوري تاريخ ۾ ڪوبه مثال موجود ناهي، اهڙا واقعا ٻين عالمي جنگ جا قصا پڙهندي ڪتابن ۾ ملن ٿا جن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته جرمن نازي فوج پاران جوڙيل گئس چئمبرس ۾ سندن مخالفن کي جيئرو اڇلائي کين ماريو ويندو هيو پر ان کان پوء هن دور جي ماڻهن کي به اهڙا واقعا ڏسڻا پيا ته محض ڀتي جي رقم نه ڏيڻ تان سوين ماڻهن کي هڪ فيڪٽري ۾ بند ڪري جيئرو ساڙيو ويو. 

اهو ئي نه پر ايم ڪيو ايم جي غنڊن هٿان ڪيل قتل عام جا قصا لکڻ لاء ڪيئي ڪتابن جي ضرورت آهي، پوء اهي ٻورين ۾ بند ڪري اڇلايل سوين لاش هجن يا لسانيت جي نالي تي سنڌين سميت ٻين قومن جا ماريل هزارين ماڻهو هجن پر ايم ڪيو ايم جي حصي ۾ وحشت جي اها تاريخ آهي جنهن تي مان هڪ مڪمل ڪتاب لکي رهيو آهيان جيڪو آئون سمجهان ٿو ته اهو ڪتاب تاريخ سان دلچسپي رکندڙ ايندڙ دور جي نسلن لاء هڪ اهڙو دستاويز هوندو جيڪو اڳ شايد ڪنهن به نه لکيو هجي ڇاڪاڻ ته آئون نه فقط ايم ڪيو ايم جي قتل عام جي هن دور جو جيئرو جاڳندو شاهد آهيان پر ڪراچيء ۾ سنڌين کي آباد ڪرڻ ۽ ماضيء ۾ قوم پرست سياست ۾ عملي ۽ سرگرم حصو وٺڻ ناتي ايم ڪيو ايم جي سمورين ڪارگذارين کي گهرائيء سان پرکيندو رهيو آهيان، ان ڪري ايم ڪيو پاران هن ديس جي ماڻهن سان ڪيل ناانصافين جي انيڪ موزوعن تي تمام گهڻي تفصيل سان لکي سگهجي ٿو پر پاڻ هن وقت جيڪر فقط 12 مئي 2007 واري ان ڪاري ڏينهن تي ڳالهايون ته به ڪيئي سوال ذهن ۾ اڀري اچن ٿا. در اصل 12 مئي جو نالو وٺڻ سان ئي ڪراچي ۾ ٿيل وحشتناڪ واقعن جا زخم ٻيهر دل تي تازا ٿي وڃن ٿا. ان ڏهاڙي تي چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري پاران ٿيندڙ ڪراچي بار جي خطاب ۽ سندس استقبال کي روڪڻ لاء  وڪيلن جي پرامن قافلي اڳيان رنڊڪون وجهي، دهشتگردن کي کلم کلا ڇوٽ ڏني وئي ته پرامن هجومن تي سڌي فائرنگ ڪئي وڃي، هوڏانهن لاهور ۾ پرويز مشرف مڪي جا نشان ڏيکاري ڪراچي واقعن کي ”عوام جي طاقت“ جو نالو ڏيئي رهيو هو. دهشتگردي جي اهڙن دردناڪ واقعن ۾ جيڪي 60 کان وڌيڪ عام ڪارڪن ۽ شهري شهيد ڪيا ويا هئا سي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ کان ڪٺن رستا طئي ڪري اچي ڪراچي پهتا هئا، جن مٿان گولين جو مينهن وسايو ويو. ته ڇا تاريخ جو اهو المناڪ واقعو فقط معافي جي ٻن لفظن سان سنڌ توڙي ملڪ جي ماڻهن کان وسري ويندو؟ 

ايم ڪيو ايم طرفان ورتل معافي حقيقت ۾ 12 مئي تي بيگناھ قتل ٿيل 60 ماڻهن جي قتل جو اعتراف آهي جنهن تي ٿيڻ ته ايئن کپي جو  چيف جسٽس ان معاملي جو از خود نوٽيس وٺي ۽ 60 ماڻهن جي قتل جي اعتراف کانپو خالد  مقبول صديقيساڻس گڏ پريس ڪانفرنس ۾  گڏ ويٺل سمورن اڳواڻن تي  ۱۲ مئي جي سمورن مقتولن جي قتل جي ايف آء آر  ڪاٽي ڪيس هلايو وڃي.  هن سموري صورتحال ۾ سوچڻ جي ڳالھ اها آهي ته ايم ڪيو ايم پاران 12 مئي جي واقعي تي معافي وٺڻ واري ڳالھ کان ڪجھ ڏينهن اڳ سنڌ ۾ هڪ قوم پرست جمائت پاران اوچتو ئي اوچتو ۽ بنا ڪنهن نظر ايندڙ سبب جي اردو آبادي سان همدردي پيدا ٿي پئي آهي. ٽنڊي الهيار وارو واقعو ٿڌو ٿي وڃڻ کان پوء جيتوڻيڪ هن وقت سنڌين ۽ پناهگيرن جي وچ ۾ ڪو سخت قسم جو تنازعو به هلندڙ ڪونهي پر پوء به بنا ڪنهن سبب جي اردو آبادي جي نالي تي  ايم ڪيو ايمي پناهگيرن سان اوچتو پيدا ٿي پيل همدردي پٺيان آخر ڪهڙي ماجرا لڪل آهي؟ 

ڪجھ ڏينهن اڳ هڪ قوم پرست پارٽي پاران حيدرآباد ۾ ريلي ڪڍي اردو آبادي سان همدري ۽ ساڻن ڀائپي جا نعرا هنيا ويا جڏهن ته ساڳي جمائت پاران وري 9 مارچ تي ڪراچيء ۾ به ڪانفرنس ڪوٺائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.

اسين سمجهون ٿا ته اردو آبادي هن ڌرتي جو اڻ ٽٽ حصو آهي، ۽ جڏهن اسين ايم ڪيو ايم جي دهشتگردي جو ذڪر ڪري رهيا هوندا آهيون ته ان وقت اسان اردو آبادي کي ايم ڪيو ايم ناهيون سمجهندا ان ڪري اردو آبادي سان همدردي پنهنجي جاء تي ڀلي کڻي ڪجي به پر ڏسڻو اهو آهي ته سنڌ سان ناانصافيون ڪنهن ڪيون آهن؟ 

ڇا سنڌي ماڻهن اردو آباديء جو استحصال ڪيو آهي يا انهن هر دور ۾ مظلوميت جو راڳ ڳائي اسٽيبلشمينٽ جي پگهار تي سنڌ سان ويل وهايا آهن؟ 

جيڪڏهن اسين مڃون ٿا ته سنڌي ماڻهن کين هميشه جيء ۾ جايون ڏنيون آهن پر پوء به هنن سدائين سنڌ سان ويساھ گهاتيون ڪيون آهن ته پوء سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته آخر اوچتو ئي اوچتو هڪ طرف ساڻن همدرديون جتائڻ لاء مخصوص قوم پرست جٿو ميدان تي لهي پيو آهي ته ٻئي طرف خود ايم ڪيو ايم به 12 مئي جهڙن واقعن تي لفظي معافيون وٺي پاڻ لاء سافٽ ڪارنر پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. 

ڪٿي ايم ڪيو ايم اڳواڻن پاران 12  مئي واري واقعي تي معافي وٺڻ ۽ سنڌ جي مخصوص قوم پرست جٿي پاران اردو آبادي سان اوچتو پيدا ٿيل همدردي جي پٺيان اهو اسڪرپٽ ته ناهي جيڪو سگهارين ڌرين کين پڙهڻ لاء لکي ڏنو آهي؟ آئون سمجهان ٿو ته ايم ڪيو ايم جي اڳواڻن پاران واقعي تي معافي وٺڻ مان مراد آهي ته هو سڌو سنئون ان واقعي ۾ ملوث آهن ان ڪري ان معافي کي ڏوھ جو اعتراف سمجهي مٿن قتل جو ڪيس داخل ٿيڻ گهرجي پوء ڀلي اردو آبادي سان  يڪجهتي جو سظهار ڪرڻ لاء حيدرآباد ۾  ريلي ڪڍڻ وارا سندن بچا لاء ڪورٽ ۾ به گواھ ٿي کين بچائين ۽ ساڻن وڌيڪ  اظهار يڪجهتي به ڪن  ۽ عملي طور به سندن ساٿ ڏين. بلديه فيڪٽري جي سانحي ۾ سڌو سنئون ملوث رهندڙ توڙي 12 مئي واري واقعي جي تاريخي ڏوھ جو اعتراف ڪندڙ ايم ڪيو ايمي اڳواڻ جنهن طبقي جي نمائندگي ڪري رهيا آهن ان طبقي سان يڪجهتي ڪرڻ لاء ميدان تي نڪتل اسان جا سنڌي قومپرست ڀائر در اصل ان ساڳئي ڊرامي جا اداڪار لڳي رهيا آهن جنهن ۾ ايم ڪيو ايم جي اڳواڻن کي به نئين اداڪاري جا جوهر ڏيکارڻ لاء نوان ڪردار ڏنا ويا آهن. سمجهڻ گهرجي ته ايم ڪيو ايم اڳواڻ ۽ اردو آبادي لاء ساھ صدقو ڪرڻ لاء آتا اسان وارا قومپرست اڳواڻ به ان ساڳئي ڊرامي جا فصط ڪردار آهن جنهن جو اسڪرپٽ سگهارن هٿن هٿان لکيل آهي. جيڪڏهن اها اڳڪٿي درست آهي ته پوء عنقريب اوهان کي سنڌ ۾ انهن قوم پرستن جو ايم ڪيو ايم سان ۾ اتحاد  ٿيندي نظر ايندو.